پاڻ هرتڙيون مايون ناول جي تصوير

پاڻ هرتڙيون مايون ناول جي تصوير

پاڻ هرتڙيون مايون

پاڻ هرتڙيون مايون (ناول ):هي هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ گوبند خوشحالاڻيءَ جو لکيل ناول آهي، جيڪو هڪ منفرد موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ عورتن جي وهم پرستيءَ سان جنم وٺندڙ سماجي مسئلن جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ لکيو آهي ته ڪتاب جو موضوع (Theme) پهرينءَ پڙهڻيءَ ۾ ئي کيس نرالو لڳو. زالن جو جادو منتر ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ وشواس آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا هن ناول جو موضوع آهن. سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجي مختصر راءِ ۾ ليکڪ کي فطري ناول نگار سڏيو آهي، جڏهن ته قاضي خادم لکيو آهي ته خوشحالاڻيءَ جو هي ناول سنڌي سماج جي هڪ ڏکوئيندڙ نبض تي نشتر آهي. نامياري اديب تاج جويي پنهنجي راءِ ڏيندي ناول جي موضوع کي نئون نه پر لڇمڻ ڪومل جي لفظن ۾ ”اَڇوتو“ ڪوٺيندي، ليکڪ کان سوال ڪيو آهي ته ”پاڻ هرتڙيون“ رڳو مايون ٿينديون آهن يا مرد به؟ ليکڪ هن ڪتاب جي ارپنا، اندر ڀوڄواڻيءَ، گوبند مالهيءَ، بهاري لال ڇاٻڙيا، جڳت آڏواڻيءَ ۽ تيج پارواڻيءَ کي ڪئي آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو